سيٽو SEATO

سيٽو SEATO

سيٽو SEATO

سيٽو (SEATO): ڏکڻ اوڀر ايشيائي تنظيم. اٺن ملڪن يعني آسٽريليا، برطانيا، فرانس، نيوزيلينڊ، پاڪستان، فلپائين، ٿائلينڊ ۽ آمريڪا جي تنظيم، جنهن منيلا ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي دستخط ڪيا. معاهدو 1955ع ۾ لاڳو ٿيو. هن معاهدي جو مقصد ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ امن جي ضمانت هو، جنهن کي اڳتي هلي ويٽنام، لائوس ۽ ڪمبوڊيا تائين وڌايو ويو. 1956ع ۾ ڪمبوڊيا ان معاهدي جي مخالفت ڪئي. ان ۾ پئسفڪ چارٽر جو اضافو ٿيو، جنهن ۾ ايشيائي ۽ پئسفڪ ملڪن جي حقن، مساوات ۽ خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ويو. هن تنظيم جو مرڪزي دفتر بئنڪاڪ ۾ هو، جتي ان جا ساليانا اجلاس ٿيندا هئا. پاڪستان پڻ هن تنظيم کي غير مؤثر سمجهي، 1972ع ۾ ان کان ڌار ٿي ويو. 1979ع ۾ باضابطي سيٽو جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو